درس غازي سکرالدين

درس، غازي سکرالدين: ڊاڪٽر غازي سکرالدين ولد محمد عارف درس، 31 مارچ 1964ع تي ڳوٺ ڍليار، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم باگڙجي، مئٽرڪ نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپري ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1987ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ڊاڪٽري پيشي جي شروعات پنهنجي ڳوٺ ڍليار جي بيسڪ هيلٿ يونٽ کان ڪئي. 1990ع کان 1999ع تائين سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڄام شوري ۾ سي. ايم. او ۽ رجسٽرار رهڻ کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ ڪراچيءَ جي اولهه ضلعي جو ڊي. سي. او (نيشنل پروگرام) ٿي رهيو. شهيد صبغة الله شاهه راشديءَ ۽ سنڌ جو شيدائي هو. سورهيه بادشاهه جي زندگيءَ ۽ جدوجهد تي ڪيترائي مضمون لکيائين. سندس خواهش هئي ته لنڊن جي برٽش لائبرريءَ مان سورهيه بادشاهه جي جدوجهد تي تحقيق ڪري، Ph.D ڪري. سنڌالاجيءَ ۾ ايڇ. ڊي لئمبرڪ ڪارنر قائم ٿيڻ خلاف اخباري ڪالمن ذريعي سخت احتجاج ڪيائين. سورهيه بادشاهه جي ورسين تي پابنديءَ باوجود ڍليار جي علائقي ۾ وڏي پئماني تي ورسيون ملهائي مڃتا ماڻيائين. مسڪينن جي مدد ۽ سهائتا خاطر مفت ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ، غريب شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائڻ ۽ انهن جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ پنهنجي عبادت سمجهندو هو. علائقي جي ڪافي معتبر ماڻهن کي جهالت جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پڙهائي، اعليٰ مقام تي آندائين. پاڻ سٺو مقرر، ڪمپيئر، مضمون نويس ۽ ڪالم نگار پڻ هو. 29 اپريل 2000ع تي ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙڪاڻي لڳ، ساهراڻي گهر ۾ قتل ٿي ويو. سندس لکيل مضمونن، تقريرن ۽ اخباري ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ’سکر سِر نه سانڍين‘ 2001ع ۾ کپري مان شايع ٿيو، جنهن کي سندس دوستن ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي، استاد محمد جمن گجو، عبدالواحد درس ۽ الهه ورايي اُداسي بهڻ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.31  عيسوي

ڊاڪٽر غازي سکرالدين ولد محمد عارف درس، 31 مارچ 1964ع تي ڳوٺ ڍليار، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.


2000.04.29  عيسوي

29 اپريل 2000ع تي ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙڪاڻي لڳ، ساهراڻي گهر ۾ قتل ٿي ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عطر خان ڪلهوڙو
ڪمار شاهاڻي
جاوتري
آرائين منصور الحق
عبدالله سومرو
سيد منچر شاهه
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
ساران صديقي ڊاڪٽر
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
قربان جيلاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون